اسلام آباد – 01 ̵1; ج??لاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو سي پيڪ ??حت مڪمل ٿيندڙ پن بجلي جو پهريون منصوبو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي اهو چوندي وڏي خوشي آهي ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ پن بجلي منصوبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل حڪومت جي پوڻي چئن سالن ۾ ان منصوبي تي ڪا چڱي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، اهو سي پيڪ ??حت مڪمل ٿيندڙ پهريون منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون.