اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئ??ڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر مل??قا?? ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو. ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽ??ين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان ??وا?? جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي اسلام آباد ۾ منعقد اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئ??ڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.