اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر جي لاڏ??ڻي تي تعزيت جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏ??ڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خد??تن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فر??ائ??.