??سل??م آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات و??ري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽ?? وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ س??ل ۾ ج??ري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ س??ل هوندو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽ?? وي (پي ٽ?? وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تي??ري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تي??ري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.