لاهور – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ڪهاڻي دن??ا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ??دب کي فروغ ڏيڻو پوندو، ماضي ۾ انگريزي ??دب کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي، پاڪستان ۾ انگريزي ??دب گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. اها ڳالهه هن فرزانه عاقب جي ڪتاب جي مهورتي تق??يب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته فرزانه عاقب تمام خوبصورتي سان مختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جي اقتباسات کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرزانه عاقب ڪربلا تي تمام گهڻي خوبصورتي سان لکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انگريزي ??دب کي فروغ ڏيڻ ۾ فرزانه عاقب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي انهن سمورن ذريعن کي تنزلي طرف ڌڪيو ويو جن جي ذريعي پاڪستان جي ڪهاڻي دن??ا آڏو پيش ڪري سگهجي پئي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا دن??ا آڏو پيش نه ڪئي وئي. اسان کي پنهنجي ڪهاڻي دن??ا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ فلم، ڊرامي ۽ ميوزڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي ملڪ کي ائين مٿي گامزن ڪرڻو آهي جيئن اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. هن چيو ته پي ٽي وي انگلش کي انفوٽينمينٽ ٽي وي ۾ ڪنورٽ ڪيو پيو وڃي، انگريزي ڊرامي، انگريزي ميوزڪ، فلم ۽ انگلش جي فنون لطيفه کي عوام آڏو پيش ڪري سگهبو. هن چيو ته جيڪي شاگرد شاعري ۽ ڊرامي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان انهن جي ??رپ??ر معاونت ڪنداسين.