اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. زيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگ??ي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو آبادگار دوست پاليس??ون متعارف ڪرا??ون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان اٽ??ل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ جي خاتمي ج?? قدمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻور??ون ضبط ڪ??ون آهن، جيڪي اسمگل ڪ??ون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.