اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي تعليمي شعبي ج?? ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماهرن ۽ ٽي??نيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغان هائير ايجوڪيشن جي وزير مولانا عبدالباقي حقاني ج?? قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون و??ائ?? تي اتفاق ڪيو ويو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان افغانستان جي تعليمي شعبي ج?? ترقي، تعليمي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليمي ماهرن ۽ ٽي??نيڪي ماهرن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته افغانستان هن وقت مشڪل مرحلي مان گذري رهيو آهي، افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري معاشي ۽ انساني امداد فراهم ڪري، هن چيو ته اي سي او جي تازي سمٽ ۾ ممبر ملڪن، عالمي برادري کان افغانستان جي انساني ۽ معاشي ضرورتن جي حل جي ڳالهه ڪئي، هن چيو ته علامه اقبال اوپن ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان افغان يونيورسٽين جي شاگردن کي آن لائين تعليم ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. نيوٽيڪ مختلف فني شعبن ۾ تربيت لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرام منعقد ڪ??دو. ملاقات دوران افغان تعليم وارو وزير افغانستان جي تعليمي شعبي ج?? نئين سر تعمير ۾ ڪردار تي پاڪستان حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عملدارن ۽ تعليمي وزير سان ملاقاتون نتيجا ڏيندڙ رهيون ۽ ان سان تعليمي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافي ۾ مدد ملندي.