اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آه??گي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آه??. اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري، اسلام امن جو دين آه??، جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري، مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آه??. هو هتي عالمي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته انتهاپسندي، بالادست نظريات، تڪراررن ۽ پراڻن جهيڙن سان ويڇن ۽ ورهاست جو شڪار ??ڄ دنيا ۾ بين المذاهب هم آه??گي ??هايت اهم اهميت ۽ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي آه??. هن چيو ته شرانگيز پروپيگنڊا جي باوجود دنيا ۾ اهو احساس وڌي رهيو آه?? ته اسلام امن جو دين آه?? جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري ۽ نه ئي ان جي فروغ يا حوصلي افزائي جي ترغيب ڏي ٿو. اسلام نسلي برتري جي نظريات ۽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازات کي سختي سان رد ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ حقيقي مڪالمي ۽ بين المذاهب هم آه??گي جي اڄ اسان کي جيتري قدر ضرورت آه?? شايد ان کان پهرين ڪڏهن نه هئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تحمل ۽ برداشت، هم آه??گي ۽ اقليتن جي ثقافت ۽ قدرن جي احترام جي شاندار روايتن جو امين آه??، اسان جي قومي جهنڊي ۾ موجود سائو ۽ اڇو رنگ بين المذاهب هم آه??گي جي روح جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اسان جي آئين ۾ ضمانت جي طور تي لکيل آه??. هن چيو ته پاڪستان صوفين جي ڌرتيءَ آه?? جنهن انسانيت جي احترام، رحم دلي، همدردي ۽ ڀائيچاري جو پيغام هر طرف پکيڙيو. مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آه??، پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جي تحمل ۽ برداشت ۽ بين المذاهب هم آه??گي جي ويزن تي عمل پيرا ٿيندي، پاڪستان سک ڀائرن جي لاءِ ڪرتار پور راهداري کولي، اهڙي طرح ٻين مذهبن جي مذهبي ماڳن جي تحفظ ۽ ڏڻن جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري آه?? ۽ جاري رهنديون، پرڏييه وزير چيو ته حڪومت پاڪستان جي سوچ ۽ ڪوششون انهن پاليسين ۽ قدمن کان قطئي برعڪس آه?? جنهن تي ”بي جي پي“ جي نسپل پرست حڪومت، عمل پيرا آه??. اقليتن کان عام طور تي، ڪشميرين کان خاص طور تي ناروا سلوڪ ڀارت جي سيڪيولر جمهوري ملڪ هجڻ جي دعوائن جي نفي ڪري ٿو، دنيا کي ڀارتي حڪومت کي اهو احساس ڏيارڻو پوندو ته مسلمان ۽ ٻين اقليتن سان ٿيندڙ انهي نوعيت جي واقعن، علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرا آه??. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آه??گي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوسشون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آه??. ڪورونا جي عالمي وبا، اسان سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي موقعا فراهم ڪيا آه??، انهي سان اهو شعور بيدار ٿيو آه?? ته تڪرارن ۽ عدم برداشت ترڪ ڪري هم آه??گي ۽ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي جيڪو بني نوع انسان جي بقا جي ڪليد آه??. هن چيو ته اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري ۽ نه ئي اهڙن روين کان منهن موڙيو وڃي جنهن سان ٻه ارب جي لڳ ڀڳ مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪليف پهچي ٿي، وزيراعظم عمران خان اعلي ترين فورمز تي ان نيڪ مقصد کي پوري شدت ۽ قوت سان اجاگر ڪيو آه??، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسان جا عالم سڳورا ۽ مشائخ عظام، پاڪستان جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ بين المذاهب هم آه??گي جي فروغ ۾ حڪومت جا هٿ مضبوط ڪندا.