اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي 100 هين سالگرهه ۽ چيني عوام جي غربت جي خاتمي لاءِ بي مثال ڪاميابين تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي پاڙيسري م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي سئو سال ۾ چين کي غربت مان ڪڍڻ، چار ڏهاڪ?? ۾ ??ڌارن ۽ ترقي تي به مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ??ئي کي مبارڪباد به ڏني. ان موقعي تي عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي م??هن ڏيڻ لاءِ چين جي قدمن ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ چين جي امداد ۽ پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ تعاون کي ساراهيو، ڪورونا وائرس جي وبا جي عالمي معيشت تي منفي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، چين پاڪستان آزاداڻي واپار جي ٻي مرحلي مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم سي پيڪ جي م??صوبن جي ڪاميابي، وقت سر ۽ اعليٰ معيار موجب عملدرآمد کي ساراهيو ۽ سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايم ايل ون ريلوي م??صوبي جي فوري آغاز سان پاڪستان جي قومي ۽ علائقائي ترقي جي جيو اڪنامڪس ويزن لاءِ اهم اڳڀرائي ٿيندي، وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي خاتمي لاءِ چين جي قائداڻي ڪردار کي به ساراهيو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ پاڪستان جي بلين ٽري سونامي م??صوبي سميت ٻين قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل شعب?? ۾ ??عاون کي وڌيڪ مستحڪم ۽ سي پيڪ گرين ڊولپمينٽ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽيو جي اعليٰ معيار موجب فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افعانستان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو افغان عوام کي فوري ان??ان?? ۽ معاشي امداد فراهم ڪري ته جيئن انهن جون مشڪلاتون گهٽ ۽ عدم استحڪام ۽ گڏيل جنگ جي روڪٿام ٿي سگهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ تعاون ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي م??ڪن جي و?? ۾ ??سٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي م??اسٽا جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان موقعي تي چين جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي پنهنجي دعوت جي تجديد به ڪئي.