ڪابل – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گهرو وزارت پاسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين عورت ملازمن کي نوڪري تي واپس اچڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته في الحال نوان پاسپورٽ جاري ڪيا پيا وڃن ۽ نوان پاسپورٽ اسلامي جمهوريه افغانستان جي نالي سان ئي جاري ڪيا ويندا. ترڪ نشرياتي ادار?? موجب افغان گهرو وزارت جي ترجمان سعيد خوستي چيو آهي ته سمورين عورتن کي چيو ويو آهي ته اهي گهرو وزارت ۾ پنهنجي نوڪر??ن تي واپس اچي ڪم شر??ع ڪن.