اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽو??يٽر تي جاري پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمرا?? خان پنهنجي ٽو??يٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زن??گي بچائي ??ن ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي ??هيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خ??مت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.