اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفريقي ملڪ روانڊا سان ٻطرفي سياسي ?? وزارتي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت جي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عامر محمد خان سان مل??قات ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ?? روانڊا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.