اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ??يل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي لاءِ هو دنيا جي سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن جي ذريعي هو عالمي برادري جي چونڊيل نمائندن جو ڌي??ن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سي??يٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا جي صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.