اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي ??اجز جي روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اضافي بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي بلاڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بلاڪس ۾ انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ??يندا ۽ سڀني سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ??يمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي ??مل?? کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا ??يئ?? جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.