اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا ??ي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي ??ي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪي?? جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا ??ي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظ?? جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ??اڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق ??ائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر ۽ وزيراعظم ??ي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ??اڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.