اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئ??و گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي ??در رجب طيب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم عمران خان چ??و ته آئون ترڪ ??در کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ??در رجب طيب اردوان جي خطاب کي پاڪستاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چ??نڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.