اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي ??زي??اعظم بينظير ڀٽو جي 17هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان بينظير ڀٽو جي شهادت جي 17هين ورسيءَ ملهائي رهيا آهيون. جمهوريت جي علمبردار ۽ سياسي عمل ۾ مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي، بينظير ڀٽو همت ۽ استقامت جي علامت بڻي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت جنهن تي ??ينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ صحيحون ٿيون، اهو سندس پائيدار سياسي ڏاهپ جو ثبوت آهي. ??زي??اعظم چيو ته سندس خاندان، خاص طور تي ??در آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پيروڪارن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جيڪي فخر سان سندس ويزن ۽ سندس نظرين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.