اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزير??تا?? ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرع??م آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين ش??يد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ش??يد لانس نائيڪ محمد امين جي ??رج?? جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرع??م آهيون.