راولپنڊي-29 نومبر (اي پ?? پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ??و دؤرو ڪيو. آرمي چيف پاڪ فوج ۽ چين جي پ??پلز لبريشن آرمي وچ ۾ ٿيل گڏيل مشق وار??ئر-8 جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مشق جي دائره ڪار ۽ ان جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف مشق ۾ شريڪ جوانن سان ڳالهايو ۽ پيشيوراڻ?? مهارت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي جيڪي گڏيل مشق دوران ڏيکاريون پئي ويون. پاڪ- چين گڏيل مشق وار??ئر-8 جي شروعات 19 نومبر 2024ع کان ٿي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ 3 هفتا ڊگهي اها مشق، سالياني بنيادن تي ٿيل سلسلي جي اٺين مشق آهي. اين سي ٽي سي پبي پ??چڻ تي آرمي چيف جو استقبال ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ڪيو.