ا??لا?? آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ??ين??ن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ??يئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان ??عارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان ??و دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان ??ي دوري دوران ??در لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان ??وران ??يلاروس ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ??ين??ن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان ??و دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.