اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ??يل?? روس وچ ۾ واپار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ??يل?? روس جي توانائي واري وز??ر سان بزنس فورم جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??يل?? روس بزنس فورم دوران 8 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ??يل?? روس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مار??يٽ ۾ انهن جي وڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??يل?? روس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان ??يل?? روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ٻيا شعبا کليل آهن. هن چيوته پاڪستان ۽ ??يل?? روس جي ٻه طرفي واپار کي وڌا??ڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. واپار واري وزير چيو ته ??يل?? روس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مار??يٽ تائين رسائي کي آسان بڻا??ڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مار??يٽ آهي.