اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراع??م سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪن??ي وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي ??طم??نان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪن??ي وزيراع??م سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعو??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏين??ي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراع??م سعو??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.