استنبول-23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن و??ري وفاقي وزير محسن نقوي استنب??ل ۾ ترڪيه جي دفاع و??ري وزير يسر گلير (Yasar Guler) سان اهم ملاقات ڪئي. ترڪيه جي دفاع و??ري وزير استنب??ل ۾ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت تي وفاقي وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي ترڪيه جي دفاع و??ري وزير کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آئيڊياز ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي معاملن سميت پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ واپار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻطرفي سهڪار جي موجوده رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ بهترين گڏيل مفادن ۾ سهڪار وڌائڻ جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان مان گوشت جو روانگي واپار وڌائ?? تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪيه پاڪستان کان گوشت جي روانگي واپار لاءِ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي ترڪيه جي وزير طرفان گوشت جي روانگي واپار جي آڇ جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائ?? تي ترڪيه حڪومت جي آجيان ڪنداسين. ٻطرفي تعاون کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ گڏيل وفدن جا دورا ضروري آهن. گهرو وزير محسن نقوي استنب??ل ۾ عالمي نمائش لاءِ ترڪيه حڪومت جي بهترين انتظامن کي ساراهيو. ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به ان موقعي تي موجود هو.