اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خط?? جي ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهتر علائقائي رابطن سان ثقافتي ۽ ??قت??ادي تعاون مضبوط بڻائڻ ۾ م??د ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪمانستان جي دور?? جي موقعي تي عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيب جو گڏيل تعلق: امن ۽ ترقي جو بنياد“ کي خطاب ڪندي ڪيو. فورم ۾ ترڪمانستان جي صدر بردي محمدوف کانسواءِ روسي فيڊريشن، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تاجڪستان، قازقستان ۽ منگوليا جي صدرن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. فورم جو انعقاد ترڪمانستان جي قومي شاعر مخدوم گلي فراگ?? جي 300هين سالگرهه جي مناسبت سان ڪيو ويو هو. صدر چيو ته ترڪمان ادب جي هڪ وڏي شخصيت ۽ ثقافتي ۽ روحاني روشن خيال?? جي هڪ اهم شخصيت مخدوم گلي فراگ?? جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي هن پروقار اجتماع کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ وڏي عزاز جي ڳالهه آهي، ثقافتن جي وچ ۾ افهام ۽ تفهيم، امن ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن باوقار تقريب جي انعقاد جي لاءِ آئون ترڪمانستان جي حڪومت ۽ ڀائر ماڻهن کي دل سان ساراهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ڀائيچاري جو گهرو رشتو آه?? جيڪو گڏيل احترام، عقيد?? جي هڪ جهڙائي سميت هڪ بهتر ۽ پرامن مستقبل جي لاءِ گڏيل ويزن تي قائم آهي.
صدر چيو ته ڪانفرنس ۾ منهنجي شرڪت ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اسان جي عزم جي عڪاس آهي، اسان کي علائقائي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آه?? جيڪا ثقافتي ۽ ??قت??ادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي بانين مان هڪ ٻيو اسان جو قومي شاعر علامه محمد اقبال ۽ مخدوم گلي فراگي تصور ۽ قوم پرستي بابت پنهنجي شاعري ۽ فڪر ۾ ڪيتري ئي هڪجهڙائي رکن ٿا. صدر چيو ته مخدوم گلي فراگي نه رڳو هڪ شاعر پر ترڪمان ماڻهن جي جذبي، امنگن ۽ حب الوطن?? جي علامت آهي، 18هين صديءَ ۾ لکيل سندس شعر اڄ به اسان جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ رهنمائي، تحريڪ ۽ اتحاد جو احساس فراهم ڪن ٿا، مخدوم گلي فراگي سياسي ۽ سماجي بدامن?? جي دور ۾ پيدا ٿيو جڏهن ترڪمان قبيلا منتشر ۽ ورڇ ٿيل هئا، انهن چئلينجز جي باوجود هن ترڪمان عوام کي متحد ڏسڻ جي خواب جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته آئون خاص طور ت?? ترڪمانستان جي صدر بردي محمدوف کي ساراهڻ چاهيندس جو هن مخدوم گلي فراگ?? جي فڪر کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي قيادت سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ جي لاءِ هي تقريب منعقد ڪئي جنهن سان اسان جي دوست?? جي رشتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ م??د ملندي.
صدر چيو ته ترڪمان قوم کي 2024ع کي ”ترڪ دنيا جي عظيم شاعر ۽ مفڪر مخدوم گل?? جي سال“طور تي ملهائڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر سان نه رڳو مخدوم گلي فراگ?? جي ياد کي سگهه ملندي پر اسان جي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جون نيون راهون پڻ هموار ٿينديون. صدر چيو ته اچو اسان ان موقعي کي انهن قدرن سان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن کي هو پسند ڪندا هئا ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ روشن ۽ پرامن مستقبل بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته مون کي صدر بردي محمدوف سان ملي پڻ خوشي ٿ?? جيڪو منهنجي عظيم دوست ۽ اڳوڻي صدر قربان گلي بردي محدودف جو فرزند آهي جن سان مون کي مختلف فورمز تي ڪيترائي ڀيرا ملاقات جي سعادت حاصل ٿي، هو نه رڳو هڪ ع??يم سياستدان پر هڪ ناليوارو عالم ۽ ڪيترين ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي. صدر چيو ته فورم جي انعقاد سان خط?? جي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ م??د ملندي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته فورم خط?? جي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جون نيون راهون هموار ڪندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب جي پڄاڻي مخدوم گلي فراگ?? جي خوبصورت شعر تي ڪئي.