اسل??م آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذ??يل ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.