لاهور-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ??اصل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، مستقبل جي معيشت جو دارومدار ٽيڪنالاجي ??ي آهي، حڪومت نوجوانن کي جديد علم سيکارڻ لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ آءِ پيڪ فائونڊيش جي ??نتظام هيٺ ”اينيوئل والنٽيئر ڪانگريس 2024ع“ ۾ مهمان خاص جي ??يثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته معيشت جو دارومدار ٽيڪنالاجي ??ي آهي، سڄي دنيا آءِ ٽي جي ??عبي ۾ تمام اڳيان نڪري وئي آهي، اسان جي نئين نسل کي ٽيڪنالاجي ??ي ميدان ۾ اڳيان اچڻو پوندو. پاڪستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي، جتي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ پويان رهڻ برداشت نٿو ڪري سگهجي، دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته تعليم ۽ تربيت جي ??عبي ۾ ٽيڪنالاجي ??ي استعمال سان شاگردن جي قابليت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، حڪومت جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن نوجوان نسل کي نيون مهارتون حاصل ٿين ۽ معيشت ۾ بهتري اچي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي ??و استعمال صحت، زراعت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ضروري آهي. رانا مشهود احمد خان چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز صنعتن ۾ انقلاب آڻڻ، فيصله سازي جي ??مل کي وڌائڻ ۽ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ جي ??لاحيت رکن ٿيون، ٽيڪنالاجي ۾ ماهر نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، ڊجيٽل ايڪسپورٽ ۾ واڌ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن هو نه صرف پنهنجي لاءِ ڪمائيءَ جا سُٺا وسيلا ڳولي سگهن پر ملڪ جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ مُک ڪردار ادا ڪرڻ ۾ به انهن جي مدد ڪري سگهن. موسمياتي تبديلين جي ??طرن جي ??اري ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ماحولياتي آلودگيءَ ۾ عالمي سطح تي حصو نسبتن گهٽ آهي پر ملڪ موسمياتي تبديلين جي ??ثرن کان سخت متاثر آهي. هن چيو ته هلندڙ سال 2 لک کان وڌيڪ نيشنل والنٽيئرن کي تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻي سگهجي. هن جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال جي ??رورت تي زور ڀريو ته جيئن ادارن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهجن. رانا مشهود احمد خان ان حوالي سان حڪومت جي ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اها تبديلي پاڪستان جي ??رقيءَ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، حڪومت آفيسن کي پيپر ليس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان قدم سان ڪم جي ??فتار ۾ بهتري ايندي ۽ شفافيت وڌندي. هن وضاحت ڪئي ته پيپر ليس نظام اختيار ڪرڻ سان نه صرف ڪاغذ جي ??چت ٿيندي پر عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ به بهتري ايندي. رانا مشهود ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي ??ؤري جي ??والي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ان ملاقات کي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ بهتري جو موقعو قرار ڏنو. هن چيو ته اهو دؤرو اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهي. رانا مشهور احمد خان شاگردن کي چيو ته هو پنهنجي قابليت کي نکارين ۽ پاڻ کي جديد چئلينجز لاءِ تيار ڪن. هن نوجوانن کي موقعن جي ??ستعمال ۽ معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رغيب ڏني. رانا مشهور احمد ايس سي او سمٽ ڪانفرنس جي ??ٿجڻ جي ??اري ۾ چيو ته ڪانفرنس ۾ مخلتف ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏجي ??المي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمتي عملي تي خيالن جي مٽاسٽا ڪن، هي پاڪستان لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن سان ملڪ جي ??يڪيورٽي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ بهتري ايندي. اها ڪانفرنس پاڪستان جي ??المي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ان ايونٽ جي ڪاميابيءَ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي. ان موقعي تي هن اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي رانا مشهود احمد خان کي سوينيئر پيش ڪيو ويو.