راولپنڊي-07 سي??ٽم??ر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مه??ند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀ??ڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مو??ب 6 سي??ٽم??ر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مه??ند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀ??ڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي مو??ود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.