اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي، ته اڄ کان بلڪل پنج سال پهرين 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي سياسي ۽ آئيني صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ڏيو، ڀ??رت ڊگهي عرصي کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري رکي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڀ??رت والاريل ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀ??رت والاريل ڪشمير جي غيرقانوني طور جابراڻو ۽ غاصبانو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. انهن سمورن ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميري عوام بغير ڪنهن هٿيار جي ڀارتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو ڪري رهيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام ??نهنجي پرامن آزادي واري تحريڪ کي جاري رکيو آهي، ڀ??رت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ چاهي ٿو پر ڪشميري عوام ڀ??رت جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشميري عوام ڪشمير مسئلي جي حل ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين گڏيل قومن جي ٺه??ائن جي روشني مطابق ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ واضح طور ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو ۽ ڪشمير جو فيصلو ڪشميرين جي مرضي مطابق ٿيندو پر ٻئي پاسي ڀ??رت پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي سيڪولر اسٽيٽ ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئڻ جو دعويدار آهي، ڀ??رت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ ڀ??رت اندر به اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ سبب بي نقاب ٿي چڪو آهي ڇو ته ڀ??رت والاريل ڪشمير ۽ ڀ??رت اندر به اقليتن جو قتل عام ڪري رهيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشميرين لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀئي گڏجي هندستان پاران رياستي دهشتگردي کي سڄي دنيا سامهون بي نقاب ڪيون. جيئن ڪينيڊا ۾ جي وزيراعظم ڀ??رت جي دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻي دنيا به ڀ??رت کي بي نقاب ڪري رهي آهي. انهي لاءِ اسان جو اهو اولين فرض آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام ??اءِ آواز بلند ڪيون. آزاد ڪشمير رياست جي صدر چيو ته اسان جي هيءَ جدوجهد والاريل ڪشمير تي ڀ??رت جي غاصباڻي ۽ جابراڻي قبضي مان آزادي تائين جاري ۽ ساري رهندي.