اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان ??اڪ??تان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوش??ال?? لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ??يان مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ ??اڪ??تاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ ??اڪ??تان جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي ??اڪ??تان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري ??وام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري ??زه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي ??اڪ??تان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم ج?? موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري ??سيان جي ڊپٽي سيڪريٽري ??نرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري ??نرل داتو سري ??مران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.