آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس س?? او) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس س?? او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ موجود عالمي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي ص??ر الهام عليوف، تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي ص??ر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي ??هڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي ص??يحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.