اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پنهنجي عوام جي لاءِ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران کيس ڪاميابي ت?? مبارڪباد ڏيندي خوشي ٿي. هن چيو ته اسان خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون ??ڌا??ڻ جي طريقن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ مضبوط حصيداري کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀائر ۽ پاڙيسري هجڻ جي نا??ي ٻئي ملڪ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ گڏجي هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا.