اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر روبينه خالد بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ معاشي بااختياري ضروري آهي، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي دليل آهي، مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان هڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان نظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن لاءِ هڪ بهترين فلاحي پروگرام قرار ڏنو. هن ان پروگرام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. بل گيٽس چيو ته بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام ط??فان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيان ٿو. چيئر پرسن روبينه خالد بل گيٽس جي بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار لاءِ دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪيون ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.