شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽا?? سروسز ??ينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽا?? سروسز ??ينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽا?? سروسز ??ينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پار??ي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽا?? سروسز ??ي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون اسٽا?? سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽا?? سروسز ??ي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.