بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي?? آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چي?? ۾ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ انٽر ايڪٽو سيشن ۾ ڪيو. بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ چي?? ۾ رهندڙ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ گروپ کي گڏ ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان اڻٿڪ وفاداري ۽ وابستگي، ان جي غيرمعمولي قابليت، هنر ۽ پاڪستان ۽ چي?? ٻنهي جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ انمول حصيداري تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ساراهيو. هن پاڪستان حڪومت جي ٺوس سڌاراجاتي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چي?? ته خاڪي جو مقصد اوڳاڙين ۾ اضافي، ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي استعمال ۾ آڻي اقتصادي ترقي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ انهن جي نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌندڙن جي سوالن جا جو??ب پڻ ڏنا. هن قومي اهميت جي ڪيترن ئي مسئلن خاص طور تي پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقي، پاڪ چي?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار جي حوالي سان تجويزن جو نو??يس ورتو ۽ ٻڌندڙن جي قيمتي بصيرت کي ساراهيندي هن پاڪستاني پروفيشنلز ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. اسحاق ڊار چي?? ته چي?? ۾ پنهنجي پنهنجي ادارن ۽ ڪميونٽيز ۾ پاڻ کي پاڪستان جو نمائندو سمجهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي پل جو ڪم ڪن.