اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا جون نظرون وزير??عظ?? شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي تي کُتل آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حص??دار آهي، سي پيڪ جي ڪري چيني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چين جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ ??يڊونگ ??ان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪ چين لاڳاپن، سي پيڪ، پاڪستاني معيشت جي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا جون نظرون وزير??عظ?? شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دو??ي تي کُتل آهن، وزير??عظ?? شهباز شريف جي چين جي دو??ي دو??ان سي پيڪ تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته نئين منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حص??دار آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪيترن ئي وڏن منصوبن جي تڪميل ۾ چيني تعاون قابل رشڪ آهي. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اهم منصوبو آهي، سي پيڪ جي ڪري چيني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چين جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دو??تي، اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنيادن تي لاڳاپا قائم آهن، اهي لاڳاپا جامع اسٽريٽجڪ حص??داري جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن ۽ سعودي عرب ۽ ايران جي اعليٰ سطحي وفدن جي دو??ن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي ئي معاشي انگ ??کر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. چيني سفير حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزير??عظ?? شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. وفاقي وزير چيني سفير کي پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزير??عظ?? جي چين جي ايندڙ دو??ي دو??ان چين جي نيوز ايجنسي ”شنهوا“ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿينديون. ٻنهي ڌرين ثقافتي ۽ تعليمي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ۽ هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.