اسلام آبا?? – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻطرفن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد بحالي تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ۽ پرڏيهي وزير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ ڀرپور سياسي خيرسگالي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي خواهش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني وڃي ۽ اسٽ??يٽ??ڪ پارٽنرشپ معاهدي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملاقات ۾ حڪومت جي معاشي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي وچ ۾ رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??اڪ??تان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک ??اڪ??تانين کي آساني ملندي. هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون پهچائي ۽ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صحتيابي کانپوءِ هو ??اڪ??تان جو دورو ڪندو.