برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوربيل فونٽيلس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ هن عالمي ۽ ع??ائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ ج?? ضرورت تي زور ڏ??و. هن ملاقات دوران اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (2019ع) موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.