اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شع??ن ۾ عالمي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آڇي ٿو، هُو ڪويتي ڪمپني ايزٽيڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله ال موتيري سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس مُلاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ايزٽيڪ جهڙين عالمي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شع??ن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي.