ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي ??هي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لب??ان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ??هي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.