اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نام??دگ?? ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نام??دگ?? ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آهن. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آهي، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ اسان جي ??ياسي ڪلچر جو حصو آهي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي ??ورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي ??ندر چ??نڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي ??واب هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي ??ئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ??هي، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي ??ئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اڄ نام??دگ?? ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نام??دگ?? ڪاغذ جمع به ٿيا، چونڊن جو عمل معمول موجب جاري آهي.