اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪرمان دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سوڳوار خ??ند??نن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو جن حملن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. ڊا??ٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.