اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس خميس ڏينهن ??رو?? ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سفيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي ??رو??ات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ا??لام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس جي ا??لاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي ??ال??سي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي ??ال??سي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي ??ال??سي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.