ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي معيشت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪ??رن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جا ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي، وفاقي حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ سيڙپڪ??رن کي ??هو??تون فراهم ڪندي رهندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪي معاشي ترقي ۽ اقتصادي لچڪ بابت منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ ناڻي واري وزارت، اسٽاڪ مارڪيٽ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومتي سيڪيورٽيز آڪشنز، سيڙپڪ??رن جو اعتماد ??ڌا??ڻ، قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪ??رن پاران حڪومتي اجاره سڪوڪ جي پهرين پرائمري آڪشن ۾ شرڪت جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته ريٽيل سيڙپڪ??رن جي خاص طور تي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اسٽاڪ بروڪر ايسوسيئيشن، ايس اي سي پي ۽ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي پرائمري مارڪيٽ آڪشن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽاف مارڪيٽ ۾ ڪارو??ار?? سرگرمين جي فروغ ۾ مدد ملي ٿي. ترقي ۽ خوشحالي طرف اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا. هلندڙ سال اسان جي معيشت کي مختلف چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ حڪومت ڍانچاجاتي ۽ مائيڪرو اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا. ان سلسلي ۾ معيشت کي ٻيهر پنهنجي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي تعاون کي ساراهيون ٿا جنهن سان ڊالر جي قدر کي هيٺ آڻڻ ۾ مدد ملي آهي جيڪو 5 سيپٽمبر 2023ع تي 207 رپين تائين پهچ?? ويو هو ۽ اڄ اهو انٽر بئنڪ ۾ 284 رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ان سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪ??رن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي انهن مثبت قدمن سان ملڪ ۾ سازگار ڪارو??ار?? سرگرمين جي لاءِ ماحول پيدا ٿيو آهي. ملڪي معيشت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي ۽ معيشت جي بهتري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪ??رن کي ??هو??تون فراهم ڪندي رهندي. اسان کي جدت جي فروغ، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ ۽ شفافيت جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته جيئن اهو بنياد مستحڪم رهي جنهن تي اسان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ بيٺل آهي. نگران وزيراعطم چيو ته اسان اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جي ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي. بعد ۾ نگران وزيراعظم رسمي گهنٽي وڄائي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪارو??ار?? سرگرمين جي شروعات ڪئي. تقريب کي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر پڻ خطاب ڪيو.