جده-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي کي ح?? ڪرڻ لا??ِ ٺوس قدم کڻي. 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا آهن. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام جي حق خوداراديت واري ح?? سميت ان جي حقن لا??ِ او آءِ سي جي حمايت جو عزم ورجايو. جنرل سيڪريٽريٽ اسلامي سربراهي اجلاس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلن ۽ قراردادن جو حوالو ڏيندي ڀارت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي غير قانوني ڏاڍ ۽ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي انساني ح??ن جو احترام ڪري ۽ ان علائقي جي بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري ح??ثيت کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي واپس وٺي.