روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي ??وڪ?? سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرم?? چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گر??ن سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرم?? چيف تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشح??لي??َ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرم?? چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.