اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن ??شن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊ ڪري درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن ??و ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها حقيقت آهي ته دهشتگردن ??شن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊيو ۽ درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگردن ??و ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پاڪستاني رياست انهن خونخوار درندن کي پوري قوت ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان ڪچي ڇڏيندي.