اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگيءَ مراڪش ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان جي حڪومت، نگران ??زيراعظم ۽ قوم هن ڏکئي وقت ۾ مراڪش جي عوام سان گڏ بيٺل آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته قوم جون دعائون مراڪش جي برادر عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. مشڪل جي هن گهڙي ۾ مراڪش ج?? ڀينرن ۽ ڀائرن کي هر ممڪن مدد فر??هم ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير قدرتي آفت ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنائن جو پڻ اظهار ڪيو.