اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ا??پڪ?? ڪميٽي جي پنجين اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي م??يشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي م??اشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن کي لاڳو ڪرڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي م??يشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي م??اشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ا??پڪ?? ڪميٽي جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ج?? خ??تمي لاءِ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي م??يشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي ٺوس پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي م??ي واري منصوبابندي تي م??اورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي م??اشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي م??يشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي.