اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي گهرو سيڪريٽر?? عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته عبدالله خان سنبل هڪ انتهائي قابل آفيسر هو، سندس ملڪ ۽ قوم جي لاءِ لازوال خدمتون آهن. هن چيو ته عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي سان سول سروس کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ ??رحوم جا درجا بلند ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.