اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر م??لڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي?? جي شروعات ڪئي، ڀارت جا سمورا ظالماڻا قدم ڪشميري?? جي آزادي واري جدوجهد کي نٿا روڪي سگهن. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي آواز بڻجندو رهندو ۽ انه?? جي جائز حق?? جي حاصلات لاءِ لاءِ هر م??ڪن سهڪار ڪندو. انهن خيالن جو اظهار صدر م??لڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم استحصال 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. صدر م??لڪت چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي?? جي شروعات ڪئي. انهن ??ارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن ??ي پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. صدر م??لڪت چيو ته 5 آگسٽ جا قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور قبضو ڪرڻ ۽ ا?? جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ لاءِ کنيا ويا هئا. صدر م??لڪت چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪشمير ا?? جي ڌرتي ??و هڪ غير تڪراري حصو آهي. هن ??يو ته ڀارت ڪشميري عوام کي ا?? جي جائز حق خوداراديت ڏئي سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن ??يو ته ڀارت ڄمون ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو جنهن ??ان پوءِ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ ڄمون ڪشمير جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قوم?? جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر م??لڪت چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي نه فتح ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي عيوض ڀارت طرفان ڊيڄارڻ ۽ محڪوم بڻائڻ واري هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيو آهي. صدر م??لڪت چيو ته ڀارت جا سڀئي ظالماڻا ۽ هٿ ٺوڪيا قدم ڪشميري عوام جي جدوجهد کي نه روڪي سگهيا. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. صدر م??لڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. صدر م??لڪت چيو ته سفارتي ٻٽي پاليسي يا ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻيو رهندو ۽ انه?? جي جائز حق?? جي حاصلات لاءِ هر م??ڪن سهڪار ڪندو، صدر م??لڪت چيو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي.